SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بانسيارا پردا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بانسيارا پردا

Bamboo Curtains

بئمبو ڪرٽينس

چين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ، چين جي سرحدن تي موجود (1949ع) غير ڪميونسٽ رياستن سان لڳ لاڳاپا ٿڌا ڪرڻ واري عمل لاءِ هن قسم جي نفسياتي پردي وارو اصطلاح وجود ۾ آيو. ان کان علاوه اِهو اصطلاح تڏهن به مشهور ٿيو، جڏهن چيني عوام طرفان پنهنجو ملڪ ڇڏڻ ۽ غيرڪميونسٽ رياستن ڏانهن منتقل ٿيڻ واري عمل تي به چيني حڪومت سختي ڪئي. پر 1955ع ۾ ايفرو – ايشيا ڪانفرنس جي موقعي تي چين جي وزيراعظم چواين لائي اهڙي ڪنهن به پردي جي وجود کان انڪار ڪيو. انگلينڊ جي وزيراعظم سرونسٽن چرچل طرفان سوويت يونين هٿان برلن ڀت ذريعي اوڀر يورپ کي اولهه کان ڌار ڪرڻ واري عمل کي لوهي پردي (Iron Curtain) سان ڏنل تشبيهه کي، هن ”بانس واري پردي“ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. دراصل هي اصطلاح هند چين جي علائقي ۾ ٿيندڙ بانس جي گهڻي پيداوار ۽ ان جي عام زندگيءَ ۾ استعمال کي نظر ۾ رکندي ايجاد ڪيو ويو


Remember Me Also:

اجهالڪو

ذ. جهُوٽو ، لوڏو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal